ڇاٻڙيا موهن

ڇاٻڙيا موهن

ڇاٻڙيا موهن

ڇاٻڙيا، موهن: ناميارو آرٽسٽ، ڪمينٽيٽر ۽ هدايتڪار موهن ڇاٻڙيا 25 مارچ 1929ع تي ممبئي ۾ پيدا ٿيو. گريجوئيشن ڪرڻ بعد تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت ۾ مقرر ٿيو. سندس اهم سڃاڻپ اسٽيج ڊراما ۽ موسيقي جي حوالي سان رهي. سندس ڪيترائي ڊراما مقبول ٿيا جن ۾ ’ڪاڪو واندو مل‘، ’سنت ڪنور رام‘، ’هيمون ڪالاڻي‘، ’جيمس ڪرسٽ‘، ’ساڌو ٽي. ايل واسواڻي‘، ’مرڪي مليا جي موت سان‘ وغيره شامل آهن. هن ميوزڪ اڪيڊمي ’لوڪ سُر‘ جو بنياد وڌو جنهن ۾ چاولا، ڀائر هيرو ۽ ڀڳوان به هن سان گڏ هئا. هن اڪيڊمي ذريعي سنڌي ثقافتي پروگرامن کي وسيع ڪرڻ ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڃي موسيقي ۽ اسٽيج ڊرامن ذريعي سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي اجاگر ڪيو. هن وڏي تعداد ۾ نئين ٽيلنٽ کي اڀاريو ۽ اڳيان آندو. هن Movac نالي ميوزڪ ڪمپني به جوائن ڪئي ۽ مقبول فنڪارن جي آواز ۾ 100 کان مٿي سنڌي ڪيسٽون آندائين. هن هندستان ۾ سنڌين کي متحد ڪرڻ ۽ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي عام ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. هن کي سندس سنڌي اسٽيج ڊرامن وارين خدمتن تي دادا جشن واسواڻي طرفان گولڊ ميڊل ڏنو ويو. ان کانسواءِ سندس علمي، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن تي پريا درشاڻي اڪيڊمي طرفان به اوارڊ ڏنو ويو. موهن ڇاٻڙيا، جون1987ع ۾ پرلوڪ پڌاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.03.25  عيسوي

ناميارو آرٽسٽ، ڪمينٽيٽر ۽ هدايتڪار موهن ڇاٻڙيا 25 مارچ 1929ع تي ممبئي ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پيرزادو واحد بخش عاشق
ترخان مرزا غازي بيگ
آدمجي حاجي دائود
بنو اميه
ارسطو
دليپ ڪمار ڪوهستاني
زيب النساء
حسني قادري حاجي شاهه جيلاني
افتخار محمد چوڌري جسٽس
آغا روشن علي پٺاڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون